جماعت اسلامي پاران متحدا مجلس عمل کان الڳ ٿيڻ جو اعلان

news

لاهور: خميس 21 مارچ 2019ع: جماعت اسلامي جي وقتي امير لياقت بلوچ متحدا مجلس عمل کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب جماعت اسلامي متحدا مجلس عمل کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ وقتي جماعت اسلامي جي امير لياقت بلوچ متحدا مجلس عمل جي قيادت کي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

وقتي امير لياقت بلوچ جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جماعت اسلامي سياسي ميدان ۾ پنهنجي پليٽفارم تان جدوجهد ڪندي، چونڊ عمل پنهنجي جهنڊي ۽ نشان سان حصو وٺندي، جڏهن ته اسلامي قانونن جي حفاظت ۽ ملڪ مان وياج جي خاتمي ۽ اسلامي موضوعن تي ديني پارٽين جو ساٿ ڏينداسين.