احتساب عدالت آغا سراج دراني جي جسماني رمانڊ ۾ ٽيون ڀيرو واڌ ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: خميس 21 مارچ 2019ع: احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي جسماني ۾ ٽيون ڀيرو واڌ ڪري ڇڏي.

قومي احتساب بيورو جي اختيارين پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران آغا سراج دراني عدالت ۾ چيو ته منهنجي فيملي کي جوابدار بڻايو پيو وڃي، ان تي عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي باري ۾ ٻڌايو.

جوابدار عدالت کي ٻڌايو ته مون کي هڪ ننڍڙي ۾ رکيو يوو آهي، نه اتي  روشني آهي ۽ نه ڪا اخبار، ٽي وي، گهروارن سان نه ملڻ ڏنو، منهنجي بورچي کي پڪڙيو ويو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته بورچي جي اڪائونٽ ۾ وڏي وڏي ٽرانزيڪشن ٿي آهي ان لاءِ پڪڙيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار گذريل  ڀيري شڪايت ڪئي هئي جنهن تي ڪمري ۾ اي سي لڳائي ڇڏي آهي، هي 12 بجي اٿي ٿو، ناشتو ڪري ٿو ۽ اخبار پڙهي ٿو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ گهربل آهي ان ڪري 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ ڏني وڃي.

عدالت نيب جي 15 ڏينهن جي استدعا کي رد ڪندي جوابدار جي 10 ڏينهن رمانڊ ڏيندي جسماني رمانڊ ۾ ٽيون ڀيرو واڌ ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ عدالت جوابدار جي 21 فيبروري، پهرئين مارچ ۽ 11 مارچ تي جسماني رمانڊ ڏئي چڪي آهي.