سنڌ ۾ ھلندڙ قبائلي تڪرار سنڌ جي وجود لاءِ خطرو آھن: گل محمد جکراڻي

news

ڪنڌڪوٽ: خميس 21 مارچ 2019ع: سنڌ ۾ ھلندڙ قبائلي تڪرار سنڌ جي وجود لاءِ خطرو آھن۔ اسان ھميشه قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جدوجھد ڪئي آھي۔

ضلعو ڪشمور قبائلي تڪرارن سبب سخت متاثر آھي۔ مقتول ولي محمد بجاراڻي جي قاتلن کي ٽن ھفتن گذرڻ کانپو۽ به گرفتار نه ڪرڻ پوليس جي نا اھلي آھي، اھڙو اظھار پ پ پ ڪشمور جي اڳواڻ ميرگل محمد جکراڻي ٽي ھفتا اڳ بجاراڻي۔ تيغاڻي تڪرار تان ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پ پ عھديدار ولي محمد بجاراڻي جي ڳوٺ پھچي سندس پوئنيرن سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو۔ 

ھن چيو ته سردارن ۽ چڱن مڙسن کي اڳتي اچي سنڌ ۾ ھلندڙ مختلف قبائلي تڪرارن جي خاتمي لا۽ ڪوششون ڪرڻ گھرجن سنڌ حڪومت ان مسئلي ۾ کين ھر ممڪن سھڪار ڪندي ڇوته قبائلي تڪرار سنڌ ڌرتي جي بقا لاءِ سخت نقصانڪار آھن۔ ھن چيو ته ھي مسئلو به حل ٿي وڃي ھا، جيڪڏھن بجاراڻي ڌر طرفان اڳرائي نه ٿي ھا  پوءِ  به ويل وئي ناھي اسان ترت ڌرين کي راضي ڪري تڪرار جو خاتمو آڻينداسين۔

ھن چيو ته مقتول جي قاتلن جي گرفتاري ۾ آيل دير پوليس جي نا اھلي آھي جنھن لا۽ مان ايس ايس پي ڪشمور سان ھن معاملي بابت ڳالھائيندس۔