ڪينيڊين ڳائڻي ايورل لورين جي برقعو پهريل تصوير وائرل

news

دبئي: خميس 21 مارچ 2019ع: مشهور ڪينيڊين ڳائڻي ايورل ليوين گذريل ڏينهن ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ موجود هئي جتي هن سالياني اسپيشل اولمڪس جي افتتاحي تقريب ۾ پرفارم ڪيو.

پنهنجي پرفارمنس کانپوءِ ڳائڻي ڪيترائي ڏينهن گڏيل عرب امارتن جي سياحت مان مزو وٺندي رهي.

ان دوران هوءَ پنهنجي مختلف جاين تي ڪڍيل تصويرون پنهنجي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي رهي، ان مان هڪ تصوير هن اهڙا ڪپڙا پائي رکي هئي جو دنيا ۾ ڌم مچي وئي.

هڪ ويب سائيٽ موجب ان تصوير ۾ ايورل لورين مڪمل طور تي مسلمان عورتن جو روپ اختيار ڪري رکيو هو، هن مٿي تي رئو رکيو هو ۽ ڪارو عبايو پائي رکيو هو.