بلاول ۽ مريم بابو بچايو مهم تي نڪري پيا آهن: فواد چوڌري

news

اسلام آباد: خميس 21 مارچ 2019ع: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز بابو بچايو مهم تي نڪتل آهن.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ٻنهي فيصلو ڪيو آهي ته پنهنجي پنهنجي پيئرن جا پئسا انهن جي آزادي تي لڳائي ڇڏيون.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته بابي کي نيب گهرائي ورتو آهي ۽ هي پوري پاڪستان سان ڪاوڙجي پيو آهي، سندس منطق عجيب آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته افهام تفهيم جو مقصد انهن کي معاف ڪري ڇڏڻ آهي هت اهڙي طرح ناهي ٿيڻو، احتساب جو عمل جاري رهندو.