برطانيه جي شهر برمنگهم جي چئن مسجدن تي اڻڄاتل ماڻهن جو حملو

news

لنڊن: خميس 21 مارچ 2019ع: برطانيه جي شهر برمنگهم ۾ رات جو اڻڄاتل ماڻهن 4 مسجدن تي حملو ڪيو ۽ شيشا ٽوڙي ڀڄي ويا جنهن جي نتيجي ۾ خوف پکڙجي ويو.

برطانوي ميڊيا موجب برطانيه جي شهر برمنگهم ۾  گذريل رات 4 مسجدن تي اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪري ڏنو، حملي آور مسجدن جا شيشا ٽوڙي ڀڄي ويا.

چئن ئي مسجدن جي 7 درين جي شيشن ۽ 2 دروازن کي نقصان پهتو آهي، مسجدن تي حملي کانپوءِ مقامي مسلمانن ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي برطانوي پوليس موقعي تي پهچي وئي.

برطانوي ميڊيا موجب فارنسڪ ايڪسپرٽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته پوليس طرفان ويجهن ڪيميرائن جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

برطانوي پوليس کاتي انهن حملن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سمورن زاوين کان جائزو ورتو پيو وڃي.