ڊبليو ڊبليو چاهي ته ڪڍي ڇڏي پر مون کي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي: رونڊا رائوسي

news

نيويارڪ: خميس 21 مارچ 2019ع: ڊبليو ڊبليو اي وومين چيمپيئن رونڊا رائوسي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمپني کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. منڊي نائٽ را ۾ رونڊا ۽ سندس مڙس ٽريوس برائون ڊبليو ڊبليو اي جي گارڊز کي نشانو بڻايو هو جنهن کانپوءِ هڪ ٽوئيٽ ۾ رونڊا پنهنجو ردعمل پيش ڪيو.

هن لکيو ته ڊبليو ڊبليو جڏهن چاهي مون کي ڪڍي سگهي ٿي، پر هو ان ملازمت ۾ مون کي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي، ڊبليو ڊبليو اي پئسن جي غنڊن سان مون کي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي.

ڊبليو ڊبليو اي جيترو چاهي مون تي ڏنڊ مڙهي سگهي ٿي پر دولت سان مون کي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي.