وزيراعظم نيوزيلينڊ پاران جمعي جي نماز کان اڳ نبي ڪريم صه جي حديث مبارڪ سان خطاب جي شروعات

news

ويلنگٽن: جمعو 22 مارچ 2019ع: هيگلي پارڪ ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ وزيراعظم نيوزيلينڊ جيسنڊا آرڊرن حضور پاڪ صه جي حديث مبارڪ پڙهي ٻڌائيندي خطاب جي شروعات ڪئي.

وزيراعظم نيوزيلينڊ جيسنڊا آرڊرن نيوزيلينڊ جي هيگلي پارڪ ۾ جمعي جي نماز جي ادائيگي کان اڳ حضور پاڪ صه جي حديث مبارڪ پڙهي ٻڌائيندي خطاب جي شروعات ڪئي.

وزيراعطم حديث پڙهڻ کانپوءِ مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته نيوزيلينڊ اوهان سان ڏک ۾ شريڪ آهي، اسان سڀ هڪ آهيون.