ڪرائسٽ چرچ سانحي جا اٺ پاڪستاني شهيد نيوزيلينڊ ۾ مٽي ماءُ حوالي

news

ويلنگٽن: جمعو 22 مارچ 2019ع: مسجدن تي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ 8 پاڪستانين کي ڪرائسٽ چرچ جي مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

پرڏيهي وزير جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته شحيدن جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ لاڳاپيل خاندانن جا 20 کان وڌيڪ ماڻهو پاڪستان کان روانا ٿيا، گهروارن کي سفري سهولتون پرڏيهي وزارت ۽ نيوزيلينڊ جي حڪومت طرفان فراهم ڪيون ويون.

ترجمان موجب شهيدن جي جنازي نماز ۾ پوري نيوزيلينڊ مان آيل 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر محمد فيصل ٻڌايو ته سانحي جي هڪ شهيد سيد اريب احمد جو مڙهه ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان موڪليو ويندو، ان حوالي سان سندس گهروارن کي آگاهه رکيو پيو وڃي.

ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ هو ته ڪرائسٽ چرچ ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ۽ هاءِ ڪميشن جو عمل شهيدن جي گهرن جي معاونت لاءِ موجود رهندو.