ڪراچي ۾ ٻن گاڏين تي فائرنگ، ٻه محافظ مارجي ويا، مفتي تقي عثماني محفوظ

news

ڪراچي: جمعو 22 مارچ 2019ع: ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي سوچ ٻيهر اچي وئي، نيپا چورنگي ويجهو 2 گاڏين تي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 محافظ مارجي ويا، مفتي تقي عثماني محفوظ رهيو.

ڊي آءِ جي ايسٽ موجب مولانا تقي عثماني خيريت سان آهي، نرسري شاهراهه فيصل تي 2 گاڏين کي نشانو بنايو ويو، مفتي تقي عثماني پوئين گاڏي ۾ هو، دهشتگردن اڳيان ايندڙ ڪاري گاڏي کي نشانو بڻايو، ٻئي گاڏيون داراالعلوم ڪورنگي جي نالي سان رجسٽرڊ آهن، مفتي تقي عثماني جمعي نماز جي امامت لاءِ وڃي رهيو هو.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته گذريل 6 مهينن دوران 500 ٿريٽس مليون، سيڪيورٽي ادارن ڀرپور ڪارروائي ڪئي آهي، 2 گاڏين تي فائرنگ جو اطلاع آهي، فائرنگ سبب هڪ ڪانسٽيبل شهيد ٿيو آهي، فائرنگ جي واقعي جا تفصيل وٺي رهيا آهيون.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير فائرنگ جي واقعن جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کي شهر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته شهر ۾ پيٽرولنگ وڌائي وڃي.