يوم پاڪستان تي پوري ملڪ ۾ تقريبون، اسلام آباد ۾ شاندار پريڊ، دفاعي سامان جي نمائش

news

اسلام آباد: ڇنڇر 23 مارچ 2019ع: پوري ملڪ ۾ يوم پاڪستان وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ هٿياربند فوج جي شاندار پريڊ ڪئي وئي جڏهن ته دفاعي سامان جي نمائش به ڪئي وئي.

اسلام آباد ۾ پريش گرائونڊ ۾ ٿيندڙ پريڊ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج سان گڏ چين، سعودي عرب ۽ آذربائيجان جا دستا ۽ هواباز به شريڪ ٿيا.

ملائيشيا جو وزيراعظم مهاتير محمد، وزيراعظم عمران خان ۽ صدر عارف علوي تقريب جا خاص مهمان هئا جڏهن ته پرڏيهي مهمان بحرين جو نيشنل گارڊ جو سربراهه ۽ آذربائيجان جو دفاعي وزير به شريڪ هئا.

ان اکن علاوه چيئرمين جوائنٽ چيفس، ٽئي سروسز چيف، حڪومتي شخصيتون، پرڏيهي سفير ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن مرڪزي تقريب ۾  شرڪت ڪئي.

صدر سميت خاص مهمانن جي اچڻ کانپوءِ گرائونڊ ۾ قومي ترانو پڙهيو ويو ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي وئي جنهن کانپوءِ صدر عارف علي کي هٿياربند  فوج جي دستن سلامي پيش ڪئي ۽ صدر هٿياربند فوج جي پريف جو معائنو ڪيو.