اسلام انسانيت جو درس ڏئي ٿو: نيوزيلينڊ جي وزيراعظم پاران اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت تي جواب

news

ويلنگٽن: آچر 24 مارچ 2019ع: نيوزيلينڊ جي وزيراعظم اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏيندڙ مسلمان نوجوان کي چيو ته اسلام انسانيت جو درس ڏئي ٿو ۽ منهنجو خيال آهي ته مون اهو ئي ڪيو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب پنهنجي بهتر رويي، همدرداڻي رويي ۽ ذميواراڻي ورتاءُ سان پوري دنيا جون دليون کٽيندڙ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن سان هڪ مسلمان نوجوان ملاقات ڪئي ۽ مسلمانن جي دلجوئي تي سندس شڪريو ادا ڪندي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني.

مسلمان نوجوان جي خواهش تي ڪيوي وزيراعظم مسڪرائيندي نوجوان جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ جواب ڏنو ته اسلام انسانيت جو درس ڏئي ٿو ۽ منهنجو خيال آهي ته مون ان تي ئي عمل ڪيو آهي.

مسلمان نوجوان چيو ته اوهان جهڙي طرح زخمي مسلمانن جي دلجوئي ڪئي ۽ سندن خيال رکيو اهو دنيا جي ٻين اڳواڻن لاءِ نمونو هجڻ گهرجي. منهنجي خواهش آهي ته مسلمان دنيا ۾ اوهان جهڙا ليڊر هجن، ان لاءِ مان اوهان کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو.