نوشهرا ۾ ٽريفڪ حادثو، ماءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت

news

نوشهرا: آچر 24 مارچ 2019ع: خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعي نوشهرا ۾ ٻن گاڏين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽي سخت زخمي ٿي پيا آهن.

تفصيل موجب واقعو خيشڪي روڊ مهاجر ڪيمپ ويجهو پيش آيو، جتي ٻن گاڏين وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽي سخت زخمي ٿي پيا آهن.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي لاشن ۽ زمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.