سينٽر آف ايڪسيلنس انتظاميا پاران فيڪلٽي ميمبر سيد علي عباس جعفري کي تمغهء امتياز ملڻ تي مبارڪ

news

ڄامشورو: سومر 25 مارچ 2019ع:سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، استادن، ملازمن ۽ شاگردن آرٽ جي شعبي ۾ تمغهء امتياز ماڻڻ تي پروفيسر سيد علي عباس جعفري کي مبارڪباد ڏيندي انهيءَ کي اداري لاءِ وڏو اعزاز قرار ڏنو آهي.

علي عباس جعفري سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن جي فائن آرٽ شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي جڏهن ته گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ 23 مارچ تي ٿيل هڪ تقريب ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کيس آرٽ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي تمغهء امتياز سان نوازيو. علي عباس جعفري جو ملڪي توڙي عالمي سطح تي آرٽ جي شعبي ۾ وڏو ڪم ٿيل آهي ۽ هو عالمي واٽر ڪلر سوسائٽي جو پاڪستان ۾ ملڪي سربراهه پڻ آهي.

علي عباس جعفري واٽر ڪلر جي شعبي ۾ عالمي گولڊ ميڊل ماڻيندڙ پاڪستان جو واحد آرٽسٽ آهي. اداري جي ڊائريڪٽر، استادن، ملازمن ۽ شاگردن علي عباس جعفريءَ کي اهڙو اعزاز ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.01