ڊاڪٽر اسٽيو برائين ۽ علي عباس جعفري کي تمغه امتياز: مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران مبارڪون

news

ڄامشورو: سومر 25 مارچ 2019ع:مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي واٽر سيينٽر ۽ سي ايڊ جي استادن کي ملڪ جو اعليٰ سول ايوارڊ ملڻ تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، استادن ۽ شاگردن پاران مبارڪون ڏنيون ويون آهن.

تفصيل موجب مهراڻ يونيورسٽي جي پاڻي جي اعليٰ تحقيقي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسٽيو برائين (Dr.Steve Burian) کي ستاره امتياز ۽ سينٽر آف ايڪسلينس ان آرٽ اينڊ ڊزائن جي پروفيسر علي عباس جعفري کي تمغه امتياز ملڻ تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، رجسٽرار ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، چئني فئڪلٽيز جي ڊينز، استادن ۽ شاگردن پاران مبارڪون ڏنيون ويون.01