مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ٽن ملازمن جي رٽائر ٿيڻ تي الوداعي تقريب، وائيس چانسلر پاران ڀيٽا پيش

news

ڄامشورو: اڱارو 26 مارچ 2019ع:مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ٽن ملازمن جي رٽائر ٿيڻ تي الوداعي تقريب ٿي گذري، جنھن ۾ وائيس چانسلر پاران کين زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. امتحاني شعبي جي شريف خاصخيلي، ٽرانسپورٽ سيڪشن جي محمد قاسم چانڊيو ۽ ارشاد احمد سهتو جي رٽائر ٿيڻ تي ٽرانسپورٽ سيڪشن ۾ الوداعي تقريب ۾ ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي کي صاف سٿرو، سرسبز ۽ محفوظ بنائڻ واري خواب ۾ ڪاميابي ۾ هر ملازم جو بنا ڪنهن گريڊ واري فرق جي حصو آهي، ان تي ملازمن کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

هن چيو ته تازو حيدرآباد ۾ ٿيل فلاور شو ۾ مهراڻ يونيورسٽي پهريون نمبر حاصل ڪيو جنهن جو سهرو مهراڻ جي مالهين کي وڃي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽيءَ جي بهتري ۽ ترقي ۾ ئي اسان سڀني جي عزت آهي. مهراڻ يونيورسٽي جو ٽرانسپورٽ سيڪشن صاف ۽ سرسبز ترين آهي ۽ اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي، هن چيو ته ناڪاري روين تي سوچڻ بجاءِ اسان کي تعميري روين تي سوچڻ گهرجي. پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جا سمورا ملازم هڪ ڪٽنب جيان آهن.

مهراڻ يونيورسٽي ۾ هڪ سسٽم جڙي ويو آهي ۽ شخصيتون اچڻيون وڃڻيون آهن پر سسٽم جاري رهڻو آهي ۽ ان کي بهتر کان بهتر ڪرڻو آهي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽ سيڪشن جي سربراهه انجنيئر قاضي رياض پڻ ٽنهي ملازمن جي يونيورسٽي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. تقريب ۾ مختلف آفيسرن، استادن ۽ ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.01