اسلام آباد ۾ ملين مارچ ڪري ايوانن کي لوڏي ڇڏينداسين: راشد محمود سومرو

news

چوهڙ جمالي: اربع 27 مارچ 2019ع:وفاق پاران سنڌ جي تيل گئس، ڪوئلي ۽ پاڻي سميت سمورن وسيلن تي قابض ٿي ڦرلٽ ڪري وڏو استحصال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري سنڌ جي عوام کي گهڻو مايوس ڪيو ويو آھي، اطلاعات جو وزير فواد چوهدري مولانا فضل الرحمان کي گرفتار ڪرڻ جون دمڪيون ڏيڻ بند ڪري.

اهڙو اظھار جي يو آءِ جي ناظم ۽ ايم ايم اي سنڌ جي صدر علامه راشد محمود سومرو جي يو آءِ چوهڙجمالي پاران منعقد ڪيل سالياني سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي مديني جي رياست ٺاهيندڙن ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن، نيو ايئر نائٽ جي نالي ۾ ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو هڪ رنگين جشن منعقد ڪري شراب سان گڏ شباب جي محفل رچائي وئي، جنهن ۾ گورنر سنڌ سميت فيصل واڊوا به هن محفل کي انجوائي ڪيو، ڇا هي رياست مدينه آھي، هتي ماڻھو بک مرن پيا، نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشين مٿان خودڪشيون پيا  ڪن، پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي ۽  مهانگائي ذريعي غريبن کان جيئڻ جو حق به کسجي ويو آھي.

توڙي بدامني، بيروزگاري ويتر متيون منجهائي ڇڏيون آھن. هن چيو ته هي مهينو معراج جو مهينو آھي، جيڪو انتهائي اهميت جوڳو آھي، جنهن ۾ الله پاڪ پنهجي محبوب حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن کي آسمان جو سير ڪرايو پر کيس پنهنجو ديدار ڪرايو، معراج دوران بيت المقدس کان عرش معلي ٰ تائين نبي پاڪ صه تيز ترين جنت جي سواري براق تي مبارڪ تي سفر فرمايو، سمورن مسلمانن لاءِ اها گهڙي انتهائي گهڻي سادت ڀري آھي.

راشد سومرو چيو ته تازو اسلام آباد سميت ٻين شھرن ۾ مسجدن مٿان بلڊوزر گهمائي مسمار ڪيون ويون آھن، حڪمرانن خدا جي قهر کي دعوت ڏني  آھي. هن چيو ته اپريل ۾ اسلام آباد ۾ ملين مارچ ڪري ايوانن کي لوڏي ڇڏينداسين.

نوجوان جمعيت جا هٿ مضبوط ڪن ۽ سچ ۽ حق خاطر عالمن جو ساٿ ڏين. ان موقعي تي مولانا ملڪ جي ناليواري عالم دين يحيٰ عباسي، مولانا صالح الحداد سجاولي، مولانا صبغت الله جوڳي، مولانا عيسٰي سمون، مولانا عبدالعزيز جتوئي، مولانا نجيب الله ميمڻ سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.

جڏھن ته سيرت ڪانفرنس مدرسه دارالعلوم محمديه القاسميه جي 8 حفاظ ڪرامن جي دستار فضيلت پڻ ٿي گذري. سالياني ڪانفرنس پوليس پاران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن مان هزارن جي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي.01