واهي پانڌي ۾ عوامي تحريڪ پاران عورت صائمه ٻٻر جي تذليل واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي

news

واهي پانڌي:(رپورٽ: نظام رستماڻي) اربع 27 مارچ 2019ع: واهي پانڌي ۾ عوامي تحريڪ طرفان جوهي ۾ صائمہ ٻٻر تي سرعام تشدد واري واقعي خلاف غلام رسول لغاري لعل بخش بروهي عطا برهماڻي وقار مستوئي جي اڳواڻي ۾  گورک روڊ کان المرتضيٰ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ اڳواڻن چيو ته جوهي ۾ عورت جي سرعام تذليل جو نشانو بڻائيندي ان کي رستن تي گهليو ويو پر واقعي دوران موجود جوهي پوليس ڳري رشوت عيوض خاموش بڻجي عورت مٿان ظلم ڪيو.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته چوري جي الزام ھيٺ عورت کي وارن مان جهلي گهلي  سندس تذليل ڪئي وئي. اڳواڻن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته عورت مٿان بناجواز ٿيل تشدد واري واقعي دوران موجود پوليس اهلڪارن ۽ صائمہ ٻٻر مٿان تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري متااثر عورت سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.01