مسوڀرڳڙي ويجهو پيپلزپارٽي جو جهونو ورڪر حاجي الهڏتو ساند لاڏاڻو ڪري ويو

news

مسو ڀرڳڙي:اربع 27 مارچ 2019ع: مسو ڀرڳڙي ويجهو ڳوٺ الهڏتو ساند جو معزز شخصيت پ پ پ جو پراڻو ورڪر ۽ اڳوڻي پ پ پ ايم اين اي سيد امير علي شاھ ڄاموٽ جو ويجهو ساٿي حاجي الهڏتو ساند 85 سالن جي ڄما ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

مرحوم جي جنازي نماز ۾ پ پ پ ايم اين اي سيد طارق شاھ ڄاموٽ،  اڳوڻو ايم اين اي سيد امير علي شاھ ڄاموٽ، پ پ پ ضلعي مٽياري جو صدر سيد علي حسين شاھ ڄاموٽ، سينيئر صحافي خالد کوکر، ساجد  کوکر، بلاول شورو، يوسي جيئندل ڪوٽ جو چيئرمين سيد غلام مرتضيٰ شاھ ڄاموٽ، پريس ڪلب مسو ڀرڳڙي جو صدر غلام قادر وسير، صحافين ۾ اڪبر درس، صحافي پانچورام، يوسي مسوڀرڳڙي جو چيئرمين سيد منظور شاھ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر حاجي شاھد جوڻيجو، يوسي مسوڀرڳڙي وائيس چيئرمن مھرو خان وگھيو، يوسي ٻارچاڻي چيئرمين سيد الهيار شاھ، پ پ پ يوسي مسوڀرڳڙي صدر مير دوست بروهي، عبدالرزاق نونداڻي، اسلم نونداڻي، زمان ڪيريو، سيد نواز علي شاھ، ھدايت الله دل، حاجي الهڏنو ساند، پير آغا جان سرهندي، وڏيرو پريو جکرو، امداد جويو، سليمان وسير گل محمد وگهيو، قنبر علي لغاري، ماستر غلام علي لغاري، امير بخش لغاري، رميش ڪمار، ماستر شاھ بخش لغاري، علي احمد لغاري، محمد جمن نونداڻي ۽ ٻين سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.

مرحوم کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته ٻئي طرف مرحوم جي پونيئرن غلام قادر ساند، جيل سپريڊنٽ شاهنواز ساند، عبدالقادر ساند، خدابخش ساند سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي.01