قديم آثارن جي ماهرن ٽي هزار سال پراڻو بندرگاهه هٿ ڪري ورتو

news

قاهرا: خميس 28 مارچ 2019ع: مصر ۾ 3 هزار سال اڳ اها بندرگاهه عبادتگاهن ۽ ٻين عمارتن جي اڏاوت لاءِ پٿرن کي منتقل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي.

مصر جي قديمي آثارن جي ماهرن ٽي هزار سال پراڻي بندرگاهه هٿ ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب اها بندرگاهه مصر جي ڏاکڻي شهر اسوان ويجهو صعيد واري واري جاءِ تي جبلن جي وچ ۾ استعمال ڪئي ويندي رهي آهي.

ان بندرگاهه وسيلي کنيل پٿرن مان ڪرنڪ ۽ ڪوم امبو جون پراڻيون عبادتگاهون اڏيون وينديون هيون، وڏن وڏن پٿرن جي اچ وڃ دوران ڪيترائي مزدور پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا هئا.