نفرت ۽ نسل پرستي لاءِ نيوزيلينڊ ۾ ڪابه جاءِ ناهي: وزيراعظم جيسنڊا

news

ويلنگٽن: جمعو 29 مارچ 2019ع: نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن چيو آهي ته تشدد، نفرت انگيزي ۽ نسل پرستي لاءِ نيوزيلينڊ ۾ ڪابه جاءِ ناهي.

عالمي خابرو اداري موجب نيوزيلينڊ ۾ ڪرائسٽ چرچ سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جتي متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي جڏهن ته متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب ۾ ٻين مذهبن جا ماڻهو به شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ شهيد 50 ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪئي وئي.

شهيدن جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نيوزيلينڊ جيسنڊا آرڊرن چيو ته ڪرائسٽ چرچ سانحي اسان کي عاجز بڻائي ڇڏيو ۽ متحد ڪري ڇڏيو آهي، 15 مارچ جو واقعو اسان جي لفظن، عملن ۽ رحمدلي کي طاقت بخشڻ جو پيغام آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي اونداهي وقت جي 14 ڏينهن کانپوءِ ٻيهر گڏ ٿيا آهيون.

وزيراعظم نيوزيلينڊ جو چوڻ هو ته انهن پنجاهه ماڻهن جي موت جو ڏک لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، مسلمان ڪميونٽي جو ڏک ختم ڪرڻ لاءِ لفظ ٿي به ڪهڙا ٿا سگهن؟ هن چيو ته اسان پنهنجي قوم جي ڳوڙهن کي ياد رکنداسين.