وزيراعظم پاران ڪوئيٽا کان گوادر تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ جو اعلان

news

ڪوئيٽا: جمعو 29 مارچ 2019ع: وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي لاڳاپيل آهي جڏهن ته ماضي ۾ بلوچستان ۾ صرف اليڪشن کٽڻ لاءِ سياست ڪئي وئي.

ڪوئيٽا ۾ ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي لاڳاپيل آهي، ماضي جي وزيراعظم بلوچستان کان وڌيڪ لنڊن جا دورا ڪيا جڏهن ته ماضي ۾ بلوچستان ۾ صرف اليڪشن کٽڻ لاءِ سياست ڪئي وئي. هن جو چوڻ هو ته ماضي ۾ حڪمرانن بلوچستان کي بري طرح نظرانداز ڪيو ۽ ملڪ کي ائين هلايو جو اسان ڪنگال ٿي وياسين، ماضي ۾ جيڪي قرض ورتا ان جا روزانو 6 ارب روپيا ادا ڪري رهيا آهيون.

وزيراعظم چيو ته پراڻي طريقي سان پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍيو ويو جڏهن ته پاڪستان ۾ هاڻ تبديلي جي سوچ آهي، ملڪ کي پٺ تي پيل نظام مان ڪڍي تبديلي آڻينداسين، بلوچستان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي لاڳاپيل آهي، ڪوئيٽا لاءِ هڪ ماسٽر پلان جوڙڻ تمام ضروري آهي جڏهن ته اسان جيڪو ٿي سگهيو بلوچستان لاءِ ڪنداسين.

وزيراعظم بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرائڻ تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته بلوچستان حڪومت ۽ فوج سان گڏجي صوبي ۾ ڪينسر جي اسپتال ٺاهينداسين.

ان کانپوءِ وزيراعظم عمران خان گوادر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گوادر اچي تمام گهڻي خوشي ٿي، مستقبل ۾ گوادر جي ترقي سان پوري خطي کي فائدو پهچندو، جڏهن مقامي ماڻهن کي فائدو ٿيندو ته ان ئي وقت ترقي ٿيندي، هن جو چوڻ هو ته گوادر ۾ انصاف هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين جنهن جي تحت هر خاندان کي 7 لک 20 هزار روپين جو هيلٿ ڪارڊ ملندو.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته اوڀرين علائقن ۾ ايران کان بجلي ويندي هئي جڏهن ته هاڻ جلد ان علائقي کي نيشنل گرڊ سان جوڙينداسين، اهو علائقو نيشنل گرڊ سان لاڳاپيل ناهي. هن چيو ته سولڊ ويسٽ ٽريٽمينٽ شروع ڪنداسين جنهن سان پاڻي کي ري سائيڪل ڪيو ويندو، گڏيل عرب امارتن ۾ پاڻي کي ري سائيڪل ڪيو ويندو آهي، پاڻي جي ري سائيڪلنگ لاءِ پلانٽ لڳائينداسين.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ريلوي ٽيڪنالاجي ۾ بهتري لاءِ چين کان ڀرپور مدد وٺي رهيا آهيون، گوادر کان ڪوئيٽا تائين ريلوي ٽريڪ ٺاهينداسين، دنيا ۾ ريلويز وڌي رهيون آهن ۽ اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي سان گهٽ ٿيون آهن.

هن چيو ته اپريل ۾ چين جو دورو ڪندس، پاڪستان چين سان مختلف شعبن ۾ معاونت حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن اوهان چين جي ٽرين ۾ سفر ڪريو ته 4 ڪلاڪن ۾ ڪراچي کان لاهور پهچندو.