جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار فرار

news

جيڪب آباد: جمعو 29 مارچ 2019ع:جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد شريف ڪالوني ۾ جوابدار پيءُ سيد روشن شاهه پنهنجي ڌيءَ خانپور واسڻ 32 ورهين جي ناهيد زال سيد جميل شاهه ۽ خانپور جي رهواسين 35 ورهين جي نوجوان مهربان دايو مٿان ڇرين جا وار ڪرڻ بعد گولين هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻئي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتا ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيا، جتي ڊاڪٽرن پاران قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او بشير احمد مگسي جو چوڻ هو ته ابتدائي جاچ موجب جوابدار روشن شاهه پنهنجي ڌيءَ کي نوجوان سان ڪارنهن جو الزام ڏيئي ٻٽو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، روشن شاهه سان سندس پٽ ۽ ساٿي به قتل ۾ شريڪ آهن قاتل فرار ٿي ويا آهن.

واقعي جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن جيڪي جلد گرفت ۾ اچي ويندا.01