ڪوئيٽا ۾ مني لانڊرنگ خلاف وڏي ڪارروائي، اٺ ارب روپين جي غير قانوني ٽرانزيڪشن تي ٽي ڄڻا گرفتار

news

ڪوئيٽا: ڇنڇر 30 مارچ 2019ع: ايف آءِ اي ڪوئيٽا مني لانڊرنگ خلاف وڏي ڪارروائي دوران 8 ارب روپين جي غير قانوني ٽرانزيڪشن تي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ڪوئيٽا مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي ڪاروبار جي آڙ ۾ 8 بينڪ اڪائونٽس مان 7 ارب 90 ڪروڙ روپين جي غير قانوني ٽرانزيڪشن ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار ڪري جوابدارن جي اڪائونٽ ۾ 2 ڪروڙ 70 لک روپيا منجمد ڪري ورتا.

جوابدار اشرف علي، حبيب الرحمان ۽ غلام محمد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.