طالبان پاران افغان پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، پنج ويڙهاڪ ۽ ٽي اهلڪار مارجي ويا

news

ڪابل: ڇنڇر 30 مارچ 2019ع: طالبان جي افغان پوليس جي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 4 اهلاڪر مارجي ويا جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 5 ويڙهاڪ به مارجي ويا.

عالمي خابرو اداري موجب افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ طالبان ويڙهاڪن پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو، ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو جڏهن ته پوليس طرفان پنجن ويڙهاڪن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

قنڌار جي ڪيترن ئي علائقن ۾ طالبان ويڙهاڪن جو قبضو آهي جڏهن ته ڪجهه حصن ۾ اڃان به ڪابل حڪومت جي رٽ برقرار آهي. حڪومتي فورسز ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ جهڙپن جو سلسلو وقت وقت سان جاري رهندو اهي جڏهن ته طالبان ان حملي ۾ مارجڻ جي تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي.