گورنر پنجاب عبدالحڪيم موٽروي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

news

فيصل آباد: آچر 31 مارچ 2019 ع: گورنر پنجاب چوڌري سرور ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير مراد سعيد ف يصل آباد ۾ ايم ٿري عبدالحڪيم موٽر وي سيڪشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب ذڪر ڪيل سيشن ڪراچي پشاور موٽر وي جو اهم حصو آهي جنهن کان شيخوپورا، ننڪانا صاحب، فيصل آباد، ٽوبا شيڪ سنگهه ۽ خانيوال جا ضلعا موٽر وي جي نظام سان سلهاڙجي ويندا.

موٽر وي نوڪرين جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار تيز ٿيندي، ان منصوبي سان انهن علائقن جي زرعي واڌ کي ملڪ جي وڏي منڊين تائين رسائي جي سهولت حاصل هوندي.

افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چوڌري سرور جو چوڻ هو ته ڦرلٽ سبب ملڪ ۾ بيروزگاري آهي ۽ ماڻهن کي ٻن وقتن جي ماني نه ٿي ملي.