مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٻولي بابت ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي

news

ڄامشورو: آچر 31 مارچ 2019ع:مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو ۾ ٻولي ۽ لسانيات جي موضوع تي ٿيل ٻن ڏينهن واري پهرين عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي. ڪانفرنس جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي سينيٽر ۽ وفاقي وزير جاويد جبار چيو ته برطانوي راڄ دوران انگريزي ٻولي هن خطي ۾ آئي ۽ انگريزن جي وڃڻ بعد هتان جي ماڻهن هن ٻوليءَ کي مان مرتبي ۽ رتبي جي ٻوليءَ ڪري پنهنجو ڪري ورتو.

هن چيو ته پاڪستان ٻولين جي حوالي سان عجيب ملڪ آهي، جتي مسلمانن جي گهر ۾ ڄمندڙ ٻار جي ڪن تي پهريون آواز عربي جو پوي ٿو، ٻيو آواز ماءُ جي ٻوليءَ جو پوي ٿو ۽ ٽيون آواز هن تي ملڪ جي قومي ٻوليءَ جو پوي ٿو. هن چيو ته ٻولين جي ايترن مونجهارن مان شايد ئي دنيا جو ڪو ٻار گذرندو هجي جيترو پاڪستاني ٻار گذري ٿو.

جاويد جبار وڌيڪ چيو ته هڪڙي ئي وقت هن ڪانفرنس ۾ مختلف موضوعن تي اٺ سيشن هلندڙ هئا، هر هڪ سيشن ۾ نوجوان محققن تفصيلي ڳالهايو پئي. هن چيو ته اهڙين ڪانفرنسن ۾ ايندڙ تحقيقي مقالن جي تجويزن تي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي پنهنجي پاليسين ۽ فيصلن جو حصو بنائڻ گهرجي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ماڻهن جي ذهني ترقي تي سيڙپ جي ضرورت آهي.

اهڙين ڪانفرنسن مان نوجوانن کي تحقيق جي ميدان ۾ سکڻ جو موقعو ملي ٿو. هن چيو ته ملائيشيا ۽ آمريڪا مان اسڪالر مهراڻ يونيورسٽي آيا، دنيا جي ٻولي جي ماهر ڊيوڊ ڪرسٽل هن ڪانفرنس ۾ ڳالهايو آهي، جيڪا نه رڳو مهراڻ يونيورسٽي پر هن ملڪ لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته اهڙيون ڪانفرنسون محققن کي هڪ ٻئي کي ٻڌڻ جو موقعو مهيا ڪن ٿيون ۽ مهراڻ ۾ هاڻي اهڙيون ڪانفرنسون نئين ڳالهه ناهن.

ان موقعي تي ڪانفرنس جي رپورٽ پڙهندي ڪراچي ۾ لئنگويج ڊوالپمينٽ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عباس حسين چيو ته ڪانفرنس ۾ اسپينش، عربي انگريزي سميت ٻين ٻولين تي ڳالهايو ويو. هن چيو ته ملڪ جي سڀني لهجن ۽ ٻولين وارن ماڻهن کي هن ڪانفرنس ۾ گڏجڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته ڪيلاش ٻولي مري رهي آهي، هڪڙي ٻوليءَ جو موت رڳو ٻوليءَ جو موت نه پر ان ٻوليءَ ۾ موجود ڄاڻ، علم ۽ خيالن ۽ تصور جو به موت هجي ٿو.

هن چيو ته تحقيق جو ڪم ان ڪري به ڏکيو آهي ته اهو اڪيلائي ۾ ڪرڻو ٿو پوي. هن چيو ته برطانوي راڄ ويو هليو پر اسان انهن جي ٻوليءَ کي چمبڙيو اچون. ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان خطاب ڪندي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جا پر هاڻي ملڪ کان اڳتي نڪري بين القوامي سطح تي پکڙجڻ لڳا آهن.

مهراڻ ڊاڪٽر عقيلي جي دور ۾ ملڪ کان ٻاهر به تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس ۾ مهراڻ جي شاگردن، استادن ۽ اسڪالرن کي سکڻ جو موقعو مليو. ٻاهران آيل مهمانن کي رات جو مومل راڻو ڊرامو ڏيکارڻ سميت سنڌ جي ثقافت ۽ راڳ بابت ڄاڻڻ جو موقعو مليو.

ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ جي آيل نئين ڪتاب جو پڻ افتتاح ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي سميت ملڪ جي ٻين يونيورسٽين مان آيل اسڪالرن ۽ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس لاءِ ڪل 500 مقالا آيا، جن مان وڏي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ڪانفرنس ڪاميٽي پيش ڪرڻ لاءِ صرف 200 مقالا قبول ڪيا، جيڪي اسڪالرن پڙهيا.01