سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان شروع

news

ڪراچي: سومر 01 اپريل 2019ع: پوري سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن.

تفصيل موجب ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي جي تحت نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن، شيدول موجب صبح جي شفٽ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سائنس گروپ ۽ منجهند جي شفٽ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي جنرل سائن جا امتحان ورتا پيا وڃن.

ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين ٻڌايو ته هلندڙ سال نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي لاءِ گڏيل طور تي 3 لک 67 هزار 606 شاگرد ۽ شاگردياڻيون سائنس ۽ جنرل گروپ جا امتحان ڏيندا جڏهن ته هن سال 365 امتحاني ممرڪز جوڙهيا ويا آهن.