ٽنڊوڄام ۾ برٽش ڪائونسل پاران تقريب، مختلف اسڪولن کي انٽرنيشنل ايوارڊ ڏنا ويا

news

ٽنڊوڄام: سومر 01 اپريل 2019ع:ٽنڊوڄام جي بوائز پرائمري اسڪول کي برٽش ڪائونسل پاران بهترين ڪارڪردگي جو انٽرنيشنل ايوارڊ ڏنو ويو.

اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالحق گاڏاهي ايوارڊ حاصل ڪيو. خبر موجب برٽش ڪائونسل پاران بهترين ڪارڪردگي تي سنڌ جي 28 شهرن جي اسڪولن، استادن، شاگردن ۾ انٽرنيشنل ايوارڊ ورهايا ويا.

ايوارڊ تقريب ۾ پوري ضلعي حيدرآباد مان فقط ٽنڊوڄام جي بوائز پرائمري اسڪول کي بهترين ڪارڪردگي تي انٽرنيشنل ايوارڊ ڏنو ويو.

جيڪو اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالحق گاڏاهي حاصل ڪيو. جڏهن ته ٽنڊوڄام جي استادن راجيش گوسوامي ۽ ساجد قريشي کي پڻ بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏنا ويا.

ٽنڊوڄام جي اسڪول ۽ استادن کي ايوارڊ ملڻ تي ٽنڊوڄام جي مختفلف اسڪولن جي هيڊ ماسترن، استادن ۽ شهرين پاران عبدالحق گاڏاهي، راجيش گوسوامي ۽ ساجد قريشي کي مبارڪباد ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.01