دنيا جو سڀ کان مهانگو برگر، قيمت هڪ لک ٽيهه هزار روپيا

news

ٽوڪيو: اڱارو 02 اپريل 2019ع: دنيا جي سڀ کان مهانگي برگر مان هڪ ٽوڪيو جي اوڪ ڊور اسٽيڪ هائوس ۾ تيار ڪيو پيو وڃي جنهن کي جاپان جي مشهر شيف پيٽرڪ شيماڊا تيار ڪيو آهي، ان برگر جي قيمت 700 برطانوي پائونڊ يا 129360 پاڪستاني روپيا رکي وئي آهي.

  ٽوڪيو جو اهو دڪان روپونگي ضلعي ۾ واقع آهي جتي هاڻ ان سڀ کان مهانگي برگر جو وڪرو شروع ٿي چڪو آهي ۽ جون جي وچ تائين اهو برگر موجود هوندو. برگر جي بن ۾ سون جا انتهائي سنهڙا ذرا شامل آهن ۽ پوري برگر جو وزن به هڪ ڪلو کان وڌيڪ آهي، ان ۾ جاپاني نسل جي ڳئون جو مشهور ويگيو بيف استعمال ڪيو ويو آهي.

هڪ ٻئي مهانگي شئي بدق جي جيئري جي پيسٽ آهي جنهن کي جاپان ۾ هڪ مهانگو  کاڌو سمجهيو ويندو آهي، سجاوٽ لاءِ ان اعليٰ معياري سلاد، ٽماٽي، بصر ۽ ٻيون شيون شامل ڪيون ويون آهن. ڇهه انچ ويڪري ۽ ڏهه انچ مٿانهين ان برگر کي خاص طور تي جاپاني ولي عهد پرنس ناروهيٽو جي تاج پوشي واري رسم جي خوشي ۾ تيار ڪيو ويو آهي ۽ آڇ به محدود مدي لاءِ آهي.

اوڪ ڊور اسٽيڪ هائوس پنهنجي ويب سائيٽ تي چيو  آهي ته ان اهم شاهي موقعي تي خاص برگر تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو ٻن مختلف سائزن ۾ پيش ڪيو ويندو.