مٽياري ضلعي انتظاميا پاران تعليمي عملدارن سميت مختلف امتحاني سينٽرن جا دورا، چوٽيهه اميدوارن تي ڪاپي ڪيس

news

مٽياري: رپورٽ: طارق ميمڻ ) اڱارو 02 اپريل 2019ع:تعليمي بورڊ حيدرآباد جي انتظام هيٺ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان جاري، ضلعي انتظاميا مٽياري ۽ تعليم کاتي جي عملدارن جا ضلعي جي مختلف امتحاني سينٽرن جا دورا، امتحان ۾ نقل ڪندڙ 34 اميدوارن تي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري امام بخش ڪاڪا مٽياري شهر ۾ قائم امتحاني سينٽرن جو اوچتو دورو ڪيو.

امتحان وٺندڙ عملي کي نقل روڪرائڻ لاءِ ڀرپور اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون فرخ شهزاد قريشي، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عبدالمجيد زهراني، اسسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد سيد عمار حسين رضوي ٻين تعليم کاتي جي عملدارن سان گڏجي پنهنجن تعلقن جي امتحاني مرڪزن جا پڻ دورا ڪيا. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري غلام حيدر بلو مطابق مٽياري ضلعي ۾ ٽوٽل 13 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ 8000 شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحان ڏئي رهيا آهن، مختلف ٽيمن امتحاني سينٽرن جا دورا ڪري نقل ڪندڙ 34 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ پوليس انتظاميا کي سينٽرن ٻاهران سيڪيورٽي کي وڌائڻ توڙي قلم 144 تي سختي سان عمل ڪندي فوٽو ڪاپي جا دڪان بند ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون، مٽياري ۾ هڪ فوٽو اسٽيٽ ڪاپي جو دڪان کليل هئڻ جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري کي فوري طور تي ايڪشن کڻڻ لاءِ هدايتون ڏئي دڪان کي بند ڪرائي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به جڳهه تي فوٽو اسٽيٽ جو دڪان کليل هجي ته ان خلاف ڪارروائي ڪري مالڪ کي گرفتار ڪيو وڃي.

ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي تعليم کاتي جي آفيسرن نقل جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ ضلعي جي مختلف امتحاني مرڪزن جا دورا ڪيا. واضع رهي ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن ۾ ڪاپي کي روڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ ضلعي ۽ تعلقي ليول تي وجيلنس ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن.

ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪمِيٽي ۾ ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون فرخ شهزاد قريشي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عبدالمجيد زهراني، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري غلام حيدر بلو ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر محبوب سيال مٽياري شامل آهن. ٽنهي تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽين ۾ ڊي ايس پي، مختيارڪار ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر کي شامل ڪيو ويو آهي.01