ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي چيئرمين پاران سنڌڙي هاءِ اسڪول تي ڇاپو، ويهه شاگردن تي ڪاپي ڪيس

news

ھنڱورنو: اڱارو 02 اپريل 2019ع:نائين ڪلاس جي پيپر دوران چيئرمين بورڊ آف انٽرميڊيٽ ميرپورخاص برڪت حيدري ۽ اسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي پريم چند پاران سنڌڙي ۾ خان صاحب دين محمد جوڻيجو ھاءِ اسڪول ۾ امتحاني سينٽر تي ڇاپو، 105 موبائل ضبط ڪري 20 شاگردن تي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو.

ان موقعي تي بورڊ جي چيئرمين صحافين کي ٻڌايو ته نقل ڪندڙ شاگردن ۽ نقل ڪرائيندڙ استادن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

ٻئي ڀيري ڪنھن شاگرد وٽان نقل جو مواد مليو ته ان بلاڪ ۾ موجود استاد تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو.01