افغانستان ۾ طالبان جي حملي دوران اٺ پوليس اهلڪار مارجي ويا

news

ڪابل: اڱارو 02 اپريل 2019ع: افغانستان ۾ طالبان ويڙهاڪن جي حملي ۾ 8 پوليس اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.

عالمي خابرو اداري موجب افغانستان جي صوبي بلخ ۾ طالبان ويڙهاڪن گشت ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي گاڏي تي حملو ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

صوبائي پوليس جي ترجمان عديل شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات شولگارا ضلعي ۾ هڪ  راڪيٽ فائر ڪيو يوو جنهن تي مقامي چيڪ پوسٽ جا پوليس اهلاڪر واقعي واري هنڌ پهتا ته طالبان ويڙهاڪن اهلڪارن تي راڪيٽ حملو ڪري ڇڏيو.

ترجمان وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪارن حملي آورن جو 3 ڪلاڪن تائين مقابلو ڪيو ۽ ويڙهاڪن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ويڙهاڪ پنهنجي زخمي ساٿين کي به گڏ کڻي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 پوليس اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته مقابلي دوران طالبان ويڙهاڪ به ماريا ويا.