مسوڀرڳڙي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مختلف بيمارين ۾ ورتل جانورن جي علاج لاءِ ڪئمپ قائم

news

مسوڀرڳڙي:اڱارو 02 اپريل 2019ع: مسوڀرڳڙي جي الله واري چوڪ تي جانورن ۾ مختلف بيماريون پکڙجڻ لڳيون، جنهن ۾ انٿرڪس، مسٽائس ميگن ۽ ٻين بيمارين جي علاج لاءِ هڪ روزا مفت ڪئمپ قائم ڪئي وئي.

ان موقعي تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رياض شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لائيو اسٽاڪ کاتي جو وزير پڙھيل لکيل انجنيئر آھي، ڊاڪٽري شعبي مان ڄاڻي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته هي پهريون وزير آھي جو لائيو اسٽاڪ شعبي کي باقائدي هاءِ الرٽ ڪيو آھي، اڳي اسين اسپتالن ۾ ڪم ڪندا هئاسين پرهاڻي لائيواسٽاڪ کاتي جي شعبي کي هاالرٽ ڪرائڻ لاءِ ھر ضلعي جي ھر سينٽر جي ليول تي اوپن ڪئمپس قائم ڪري  جانورن ۾ وچڙندڙ بيمارين جي علاج لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي آهي.

جنهن سان مالوند ماڻهن کي فائدو ملي رهيو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڪئمپ تي مختلف بيمارين ۾ ورتل پنجاهه کان وڌيڪ جانورن کي ويڪيسن ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وٽنري آفيسر سليم سولنگي، ڊاڪٽر رياض ابڙو، جمن حاجاڻو ۽ ذوالفقار لغاري پڻ موجود هئا.01