سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمسٽر امتحانن بابت ڊاڪٽر فتح برفت جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

news

ڄامشورو: اڱارو 02 اپريل 2019ع:سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز جي ريگيولر ۽ امپروور/فيلوئر (مارننگ/ايوننگ) جا پهرين سيمسٽر جا امتحان 29  اپريل کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿي گذريو.

جنهن ۾ رجسٽرار غلام محمد ڀٽو، سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد علي روشن پٺاڻ، سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر منير الدين سومرو ، ٺٽو ڪئمپس جي فوڪل پرسن  پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي مختلف فئڪلٽيز جي ڊينز پروفيسر ڊاڪٽر اختر حسين مغل، پروفيسر ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر منير الدين خان، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله دايو، پروفيسر ڊاڪٽر صالحه پروين، پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي قناصرو، پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي، آءِ ٽي سروسز سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ياسر عرفات ملڪاڻي،  آئي ايس او سيل جي انچارج ڊاڪٽر امير علي ابڙو  ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.01