اوريگون: اربع 03 اپريل 2019: ماهرين اميد ظاهر ڪئي آهي ته مڇين جي چمڙي تي موجود چڪنائي ۾ نوان اينٽي بايوٽڪس جا خزانا موجود آهن.
ماهرين جي مطابق دنيا ۾ پهرين کان موجود اينٽي بايوٽڪ دوائون تيزي سان ناڪام ٿي رهيون آهن، ڇو ته ان جي مقابلي ۾ جراثيم (بيڪٽريا) پاڻ کي تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن.
هاڻ حال اهو آهي ته اسان وٽ موجود طاقتور ترين اينٽي بايوٽڪس دوائن مان تاثير تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي ۽ ماهرين نيون دوائن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
ان حوالي سان ڪڏهن مٽي، ڪڏهن نانگ، ڪڏهن تماڪ جي ٻوٽن تي تحقيق جاري آهي پر هاڻ خيال اهو آهي ته ڪجهه مڇين ۾ موجود چمڙي کي ترڪائڻ وارا مرڪبات نئين اينٽي بايوٽڪس جو خزانو ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ شايد اهي دوائن مان مزاحم مشهور بيڪٽريا کي به ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ماهرين مڇين جي اهڙي پاڻياٺ واري مادي کي “سلائم” جو نالو ڏنو آهي. ان جي بدولت مڇيون سمنڊ ۾ موجود فنجائي، بيڪٽريا ۽ خطرناڪ وائرس کي به پري ڀڄائينديون آهن. اوريگون اسٽيٽ يونيورسٽي جي ماهر مولي آسٽن چوي ٿي ته مڇين جي ٻاهرين چڪنائي انهن کي پيچيده سامونڊي ماحول ۾ صحت مند رکڻ ۾ وڏي مددگار هوندي آهي، ڇو ته بار بار مڇين جو ٽڪراءُ خطرناڪ جراثيم ۽ وائرس سان ٿيندو آهي.
سڀ کان پهرين مڇين جي چمڙي ۾ پولي سيڪرائيڊز ۽ ايسي پيپٽائيڊز دريافت ٿيا، جن مان ماهرن اينٽي بايوٽڪس واريون ڪيفيتون دريافت ڪيون هيون. ان کانپوءِ مولي آسٽن ۽ ان جي ساٿين جنوبي ڪيلي فورنيا جي سمنڊ مان ڪجهه نوجوان مڇيون پڪڙيون ۽ انهن جي چمڙي مان چڪنائي جمع ڪري ان جو تجزيو ڪيو. گهٽ عمر ۽ جوان مڇين جو امنياتي نظام ٺهي رهيو هوندو آهي ۽ انهن جي چمڙي مان چڪنائي گهڻي تعداد ۾ ملندي آهي.
هن ليس دار مادي مان 47 مختلف قسمن جا جرثومي مليا جيڪي اينٽي بيڪٽريا جنگ ۾ اسان جي مدد ڪري سگهن ٿا. پوءِ ماهرن پنڪ پرچ نالي هڪ مڇي ۾ پنج اهڙا مرڪبات ڏٺا جيڪي ميٿي سائلن ريسسٽنٽ اسٽيفائيلوڪوڪس آريئس (ايم آر ايس اي) بيڪٽريا کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ ۾ موثر هئا. انهن بڪيٽريا آنتن جي استر ۾ ڪينسر کي روڪڻ ۾ به مدد ڪئي ۽ هڪ طرح جي خوفناڪ فنجائي، ڪينڊيڊا البيڪنس جي حملي کي به روڪيو.
جڏهن ته ايندڙ مرحلي کان پهرين اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ايترا گهڻا بيڪٽريا ڇا صرف مڇي جي ٻاهرين حصي تي کي هوندا آهن؟ يا اهي ڪنهن ٻي جاءِ تان اچي اٿي ويهي رهندا آهن.
ان تحقيق کانپوءِ ئي اسان سمجهي سگهون ٿا ته آخرڪار مڇي ۽ بيڪٽريا جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي. ان تحقيق سان هڪ ٻي ڳالهه سامهون آئي آهي ته سامونڊي جانورن ۾ شفا جا خزانا لڪيل آهن ۽ بدلجندڙ موسمياتي پسمنظر ۾ سامونڊي مڇين ۽ جاندارن کي بچائڻ تمام ضروري ٿي ويو آهي.