ملڪ اندر کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ويهه کان سٺ روپيه اضافو ڪيو ويو

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 6 اپريل 2019ع) ڊالر جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آهي. کائڻ پيئڻ جي قيمتن ۾ ويهه کان سٺ سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

ميڊيا کان ملندڙ رپورٽن موجب  پوري ملڪ جيان لاهور ۾ به کائڻ پيئڻ جي شين ۾ بي پناهه اضافو ڪيو ويو آهي. ڊالر ۽ پيٽرول جون قيمتون ڇا وڌيون، کائڻ پيئڻ جي شين کي به پر لڳي ويا.

دڪانن تي دال ماش پنجٽيهه روپيه في ڪلو، دال مڱ ۽ دال چڻا ويهه روپيه في ڪلو جي حساب سان واڌ ڪئي وئي آهي. چانورن جي قيمتن ۾ ٽيهه کان سٺ روپيه في ڪلو اضافو ڪيو ويو آهي.

تيل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ به  ست روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي. پيڪنگ ۽ ڊٻي واري کير جي قيمتن ۾ ڏهن روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي.

حڪومت پاران  کائڻ پيئڻ جي شين کي مهانگي ڪرڻ کان پوءِ  دڪاندار ۽ عوام  وڌندڙ قيمتن سبب احتجاج تي مجبور بڻيل آهن.