ڪشمور پوليس پاران هڪ دهشتگرد بارودي مواد سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

news

ڪنڌڪوٽ: آچر 07 اپريل 2019ع:ڪشمور پوليس دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ دهشتگرد کي بارودي مواد سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ڪشمور ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ اسد رضا شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڊکڻ بنگلو وٽ ڪارروائي ڪئي وئي، جتان هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ جي پڻ دعويٰ ڪندي چيو ته گرفتار دهشتگرد خاوند نصيراڻي جي قبضي مان 2 ڪلو بارودي مواد، هڪ هينڊ گرنيڊ، ٽي ٽي پسٽل، 6 گوليون، ڊيٽونيٽر ۽ سرڪٽ هٿ آيو آهي.

ايس ايس پي اسد رضا شاهه ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد جو واسطو بلوچستان جي پابندي پيل تنظيم بي آر اي سان آهي،  ايس ايس پي اسد رضا شاھ وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد 2009ع دوران پاڪ فوج جي قافلي تي ٿيل حملي ۾ به ملوث آهي، ايس ايس پي چيو ته گرفتار دھشتگرد بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به گئس پائيپ لائين تي ڪيترائي ڀيرا ڌماڪا ڪري چڪو آهي.01