چوهڙ جمالي ۾ ايس ٽي پي پاران اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

news

چوهڙ جمالي: اربع 10 اپريل 2019ع:چوهڙجمالي ۾ سماجي برائين ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ توڙي  روينيو کاتن جي جعلسازي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جلال شاھ، عبدالغني ملاح، واحد خاصخيلي، شاھ نواز سيال، گل حسن رند جي اڳواڻي ۾ چوهڙجمالي پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ريلي ۾ شريڪ سوين ڪارڪنن جي هٿن ۾ جهنڊا ۽ انتظاميا خلاف لکيل بينر هئا. جڏھن ته ريلي مدني چوڪ تي پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي الطاف جسڪاڻي عبدالغني ملاح، شاهنواز سيال، عبدالواحد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته هٿ وٺي تعلقي شاھ بندر ۾ حالاتن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سازش تحت قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، پر اسان انهن ڪرپٽ ڪامورن کي وائکو ڪري هٿ ڪڙيون هڻائي کين جيل ڀيڙو ڪري هٿ پٽينداسين.

هنن چيو ته مختيار ڪار شاھ بندر اي سي شاھ بندر روينيو پاران رڪارڊ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ منظور منگسي جي زمين جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي ڪري ضلعي اڳواڻن واحد خاصخيلي سميت کاتيدار منظور منگسي سميت ٻين چوري جو من گهڙت ڪيس داخل ڪري عملدارن اصليت ظاهر ڪئي آھي.

هنن وڌيڪ چيو ته تعلقي شاهه بندر سميت ضلعي سجاول ۾ منشيات ۽ سماجي برائين جو ڳڙھ بڻجي ويو آھي، پوليس جي نگراني ۾ تمام برائيون عروج تي آھن، جنهن خلاف شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جاري رهندي ۽ ٻئي مرحلي ۾  13 اپريل تي جاتي 16 اپريل تي سجاول ۽ 19 اپريل تي دڙو بٺورو ۾ درڻا هنيا ويندا.01