ڊسٽرڪٽ بار ميرپورخاص پاران امتحانن دوران بهتر انتظام ڪرڻ تي بورڊ چيئرمين کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو

news

ميرپورخاص: اربع 10 اپريل 2019ع:ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن دوران ڪاپي جي روڪٿام لاءِ بورڊ جي ڪيل قدمن کي ساراهيندي بورد چيئرمين پروفيسر برڪت حيدري ۽ ڪنٽرولر انور عليم کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ ٿيندڙ سالياني امتحانن دوران بورڊ انتظاميا پاران ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام لاءِ بهتر قدم کنيا آهن، جنهن تي سڄي بورڊ انتظاميا کي مبارڪباد پيش ٿي ڪجي.

اهڙي قدم سان محنت ڪندڙ شاگردن کي ڪاميابي ملندي ۽ ميرٽ تي شاگرد ڪامياب ٿيندا. ان سلسلي ۾ بار پاران بورڊ انتظاميا سان سهڪار جاري رهندو.01