ڪوئيٽه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف وڻن جي واڍي جو ڪيس داخل

news

ڪوئيٽه: (خميس 11 اپريل 2019ع) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽه ۾ يونيورسٽي آف بلوچستان جي وائيس چانسلر جي خلاف وڻن جي واڍي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب وائيس چانسلر جي خلاف ڪيس جنگلات کاتي چلتن رينج جي طرفان داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وائيس چانسلر جي چوڻ تي قيمتي وڻ وڍيا ويا آهن.

ڪنزرويٽر جنگلات کاتي ڪوئيٽه ڊويزن نياز ڪاڪڙ صحافين سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي پڪ ڏياري آهي ته وائيس چانسلر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي پاسي ۾ جن وڻن کي وڍيو ويو آهي اهي ڪوئٽه پائن جا هئا. ڪوئٽه پائن جو شمار ڪوئيٽه جي پراڻن وڻن ۾ ٿيندو آهي. هنن وڻن کي ايران مان اوڻيهه سو ستر  ۾  گهرائي هتي لڳايو ويو هو.