سوڊاني عوام جي احتجاجن رنگ لاتو صدر عمر حسن البشير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

news

خرطوم: (خميس 11 اپريل 2019ع) سوڊان جي صدر عمر حسن البشير عوام طرفان ڪيل احتجاجن کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيَ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ تقريبن ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل سندس اقتدار جو خاتمو ٿي ويو آهي.

غير ملڪي خبرون ڏيندڙ اداري مطابق سوڊان ۾ کائڻ پيئڻ جي شين ۾  واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو ۽ مطالبو ڪيو ته صدر عمر حسن کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي. گذريل  ڇهن ڏينهن کان صدر عمر حسن البشير جي خلاف احتجاجن هزارين ماڻهو آرمي هيڊ  ڪوارٽر ٻاهران جمع هئا. جتي صدر جي رهائشگاهه ۽ بچاءُ واري آفيس به آهي. شديد عوامي دٻاءُ بعد عمر حسن البشير صدارت تان استعيفيَ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد فوج ملڪي معاملا سنڀالي ورتا آهن.

مقامي ميڊيا موجب فوج طرفان جلد هڪ اهم پيغام جاري ڪيو ويندو.  اوڻيهه سو ڇاونجاهه ۾ سوڊان جي آزادي کان پوءِ هن وقت تائين عمر حسن البشير ڊگهي ترين عرصي تائين صدر جي عهدي تي رهيو آهي.  هن اهو عهدو سورنهن آڪٽوبر اوڻيهه سو ٽيانوي ۾ سنڀاليو هو.