زميندارن لاءِ خوشخبري، آٽوميٽڪ هاري روبوٽ ايندڙ سال عام ماڻهن لاءِ به موجود هوندو

news

سڊني: خميس 11 اپريل 2019ع: هينئر کان ڪجهه سال اڳ دنيا ۾ اگيرس ڪمپني جي روبوٽڪ هارين جو ذڪر تمام گهڻو مشهور ٿيو هو پر هاڻ ان ۾ وڌيڪ تبديليون ڪري ان کي هٿرادو ذهانت سان سلهاڙي وڌيڪ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪرڻ جو اهل بڻايو ويو آهي.

2020ع ۾ هاري روبوٽ واپاري پيماني تي عام موجود هوندو ان کان اڳ 2016ع هو اهو ئي روبوٽ ريموٽ ڪنٽرول سان قابو ڪيو ويندو هو.

اهو فصلن، ٻنين ۽ چراگاهن جي نگهداشت ڪرڻ کان علاوه فصل دشمن گاهه جي نشاني به ڪري سگهندو هو.

ايندڙ مرحلي ۾ ان ئي روبوٽ هاري کي روبوٽ ڌنار بڻايو يوو جيڪو مينهن، ڳئن کي چارڻ ۽ انهن جي سار سنڀال ڪندي وائرليس وسيلي ان جي خبر اصل ڌنار کي رواني ڪندو، ان کي ٺاهيندڙ ڪمپني جو هدف اهو آهي ته روبوٽس وسيلي فصلن ۽ چوپائي مال جو خيال رکيو وڃي جڏهن ته ننڍن واڙن لاءِ ڊجيٽل فارم هينڊ نالي هڪ ٻئي پروجيڪٽ تي به ڪم جاري آهي پر ان جا تفصيل ناهن ڏنا ويا.

جڏهن ته ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اهو غريب ۽ ترقي پذير ملڪن جي پهچ ۾ به هوندو. اي آءِ جي ڪري اهو فصلن جي پيداوار جو حساب ڪتاب لڳائڻ جي به صلاحيت رکي ٿو، ان تي روبوٽڪ ٻانهن لڳائي ويندي جنهن وسيلي اهو پاڻمرادو هاڃيڪار گاهه پٽي ان کي ختم ڪندو رهندو، ايندڙ مرحلي ۾ فصلن جي اپسري به پاڻ ڪندو.