سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد تعليم سان گڏ راندين جي ميدان ۾ به اڳرا آهن: ڊاڪٽر فتح محمد برفت

news

ڄامشورو: خميس 11 اپريل 2019ع:ڪراچي يونيورسٽي جي سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد پنهنجي شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر باسط علي انصاري ۽ استادن جي سربراهي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي مهمان ۽ ميزبان شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٽيمن وچ ۾ والي بال جا دلچسپ مقابلا پڻ ٿيا. محترمه فاطمه جناح گرلز جمنازيم ۾ ٿيل والي بال راند جي دلچسپ مقابلن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي بوائز ۽ گرلز ٽيمن مقابلو کٽي ورتو.

ان موقعي تي ٿيل تقريب کي مهمان خصوصي جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪراچي يونيورسٽي مان آيل وفد کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم سان گڏ راندين جي ميدان ۾ پڻ اڳرا آهن. هنن ٻارن پنهنجي قابليتن ۽ صلاحيتن ذريعي هرهنڌ پاڻ کي مڃرائي ڏيکاريو آهي. هن چيو ته رانديون پڻ تعليم جو ئي حصو آهن، صحتمند زندگي ۾ راندين جو اهم ڪردار آهي.

سنڌ يونيورسٽي پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي معياري تعليم سان گڏ هم نصابي سرگرمين جا پڻ ڀرپور موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. تقريري مقابلا هجن، مضمون نويسي جا مقابلا هجن، شعر و شاعري جا مقابلا هجن يا راندين جا مقابلا هجن، هن يونيورسٽي جا شاگرد جتي به ويا آهن انهن پوزيشن ماڻي آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو اسپورٽس شعبو تمام گهڻو سرگرم آهي، جيڪو شاگردن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي.

ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪراچي يونيورسٽي جي سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر باسط علي انصاري چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي اسان کي جيڪو مان مليو آهي اُهو لفظن ۾ بيان نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان پراڻو تعلق آهي، اسان ڪراچي يونيورسٽي ۾ گڏجي ڪم ڪيو آهي، برفت صاحب جون تعليمي، تحقيقي ۽ سماجي حوالي سان تمام گهڻيون خدمتون آهن، سندس سربراهي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪافي بهتريون آيون آهن ۽ يونيورسٽي ترقيءَ جو نئون سفر شروع ڪيو آهي.

ان موقعي تي هن سنڌ يونيورسٽي جي سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز جي شاگردن کي ڪراچي يونيورسٽي جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي اسپورٽس بورڊ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر محمود الحسن مغل، سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اڪرم انصاري، ڊائريڪٽر اسپورٽس گرلز ميڊم مختيار ڀٽي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.01