هوٽلن ۾ موبائل فون وسيلي جي ايس ٽي وٺڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: جمعو 12 اپريل 2019ع: وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ واهيپدارن طرفان هوٽلن ۽ ادا ڪيل جنرل سيلز ٽيڪس جي ريئل ٽائم بنيادن تي فوري وصولي لاءِ خاص موبائل ايپ متعارف ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته حتمي فيصلو اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت کانپوءِ ٿيندو.

رپورٽ موجب موجود دستاويز موجب ناڻي واري وزارت طرفان ايف بي آر کي خط موڪليو ويو آهي جنهن تي ايف بي آر موبائل ايپ متعارف ڪرائڻ جي تجويز جو جائزو وٺن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

خط موجب هوٽل ۽ ريسٽورنٽ واهپيدارن کان بلن سان گڏ جي ايس ٽي وصول ڪري وٺندا آهن پر ان جي قومي ناڻي ۾ منتقلي يا بروقت منتقلي يقيني ناهي هوندي.