ڪوئيٽا جي سبزي منڊي ۾ ڌماڪي سبب ويهه ڄڻا مارجي ويا، اٺيتاليهه زخمي

news

ڪوئيٽا: جمعو 12 اپريل 2019ع: ڏورانهين علائقي هزارگنجي سبزي منڊي ۾ ڌماڪي سبب 20 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 48 زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب ڪوئيٽا جي ڏورانهين علائقي هزار گنجي سبزي منڊي ۾ ڌماڪي سبب 2 ٻارن سميت 16 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 4 ايف سي اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪو ايترو سخت هو جو ويجهين عمارتن کي به نقصان پهتو.

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙ هزارگنجي جي منڊي مان ڀاڄي ۽ فروٽ خريد ڪرڻ آيا هئا جڏهن ته ڌماڪو ريموٽ وسيلي ڪيو ويو يا ٽائم ڊيوائس هئي ان تي جاچ ڪري رهيا آهيون.

لاشن ۽ زخمين کي بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي آپريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، واقعي واري هنڌ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي جي شهيند جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، انسانيت جا دشمن دهشتگرد ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن.