ڏکڻ وزيرستان ۾ ڄاڃين جي گاڏي برساتي وهڪري ۾ لڙهي وئي، ڇهه عورتون ٻڏي فوت

news

ڏکڻ وزيرستان: (ڇنڇر13 اپريل 2019ع) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي توني خلا ۾ ڄاڃين جي گاڏي برساتي وهڪري ۾ لڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه عورتون ٻڏي فوت ٿي ويون آهن.

ڊي سي وانا امير نواز ٻڌايو ته ڄاڃين جي گاڏي گذريل شام برساتي وهڪري ۾ لڙهي وئي هئي. گاڏي ۾ ست عورتون، ٽي ٻار ۽ ڊرائيور شامل هئو.

حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ڇهن عورتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته هڪ عورت، ٽي ٻارڙا  ۽ هڪ ڊرائيور کي بچايو ويو آهي.