هزار گنجي خودڪش حملي خلاف هزارا برادري جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري

news

ڪوئيٽا: (آچر 14 اپريل 2019ع) هزار گنجي خودڪش حملي جي خلاف باءِ پاس تي هزارا برادري  پاران هنيل ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي. مظاهرين پاران مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن آءِ جي ايف سي ميجر جنرل فياض حسين شاهه بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ هزا گنجي ڌماڪي ۾ زخمين جي عيادت ۽ کين ملندڙ طبي سهوليتن جو معائنو ڪيو. ياد رهي ته ڪوئٽه جي ڏورانهين علائقي هزار گنجي ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي جو ڪيس ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او شالڪوٽ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ قتل، دهشتگردي ۽ ايڪسپلوز ايڪٽ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن جي وڏي تعداد ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود آهي. ڌرڻي سبب ڪوئٽه باءِ پاس بند پيل آهي جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي رهي آهي.

ياد رهي ته بلوچستان جي علائقي هزار گنجي ۾ خودڪش ڌماڪي سبب ويهه ڄڻا فوت مارجي ويا هئا ۽ اٺيتاليهه زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته چمن ڌماڪي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو هو ۽ ٻه ايف سي اهلڪارن سميت پندرنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. بلوچستان جي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ هر ڪميونٽي جو ماڻهو متاثر ٿيو آهي ڪنهن به مخصوص ڪميونٽي کي نشانو ناهي بڻايو ويو. ڌماڪي ۾ سڀني کان وڌيڪ هزارا ڪميونٽي جا ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

گهرو وزير پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ڌماڪو خودڪش هو. جڏهن ته ان کان اڳ دي آءِ جي ڪوئيته پوليس عبدالرزاق چيما صحافين کي ٻڌايو ته ڌماڪو پٽاٽن جي گودام ۾ ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي. واضح رهي ته فروٽ منڊي ڪوئيٽه کان ويهه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي جتي سنڌ ۽ پنجاب کان وڪڻڻ جي لاءِ مال آندو ويندو آهي ۽ ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن وڏي تعداد ۾ مال وٺڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ ماڻهو موجود هئا.