پاڪ فوج ٻوڏ ۾ ڦاٿل ڏيڍ سئو هندو پانڌيئڙن کي ريسڪيو ڪري ورتو

news

ڪوئيٽا: آچر 14 اپريل 2019ع: بلوچستان جي علائقي ڪڇي ۾ پاڪ فوج ٻوڏ ۾ ڦاٿل هندو پانڌيئڙن کي ريسڪيو ڪري ورتو، پوري صوبي ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ نديون وهڻ شورع ٿيون جنهن کانپوءِ بلوچستان ۾ ٻوڏي ۾ وهي ويندڙ 3 ٻارن سميت 4 ڄڻن جا لاش به ڪڍيا ويا.

پي ڊي ايم اي موجب صوبي ۾ برسات جو طوفاني سلسلو وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو، سڀاڻي ڪراچي ۾ ڪڪر وسندا، اڄ پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به رم جهم جي اڳڪٿي آهي. بلوچستان ۾ برسات جو نئون سسٽم داخل ٿي ويو، ڊيرا بگٽي سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب ندي ۾ وهڪرو ٿي ويو، پي ڊي ايم اي موجب ڪوئيٽا، زوب، موسيٰ خيل، قلعه سيف الله، لورالائي، قلعه عبدالله، تربت سميت ٻين علائقن ۾ آنڌاري سان تيز برسات ٿي.

ٻئي طرف پاڪ فوج ڪڇي ضلعي ۾ريسڪيو آپريشن ڪندي ٻوڏ ۾ ڦاٿل هندو پانڌيئڙن کي بچائي ورتو، گذريل ڏينهن 150 هندو پانڌيئڙا ٻوڏ ۾ گهيرجي ويا هئا، ريسڪيو آپريشن ۾ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ مقامي ماڻهن به حصو ورتو.