ٽنڊوڄام ۾ عبدالطيف فائونڊيشن پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب

news

ٽنڊوڄام: آچر 14 اپريل 2019ع:عبدالطيف فائونڊيشن پاران ڊي جي ڪاليج، ڊيسينٽ انسٽيٽيوٽ ۽ ايمس هائي اسڪول جي پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب ٽنڊوڄام جي مقامي هال ۾ ٿي گذري.

جنهن ۾ مهمان خاص ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيوٽ ڪاليجز حيدرآباد ريجن عاليه انور ميمڻ،  ايڊمنسٽريٽر ورڪر انٽرميڊيئيٽ ڪاليج ڪوٽڙي محمد شفيق، سينئر استاد منظور ميمڻ، شاهد ولي، نبي عالم شيخ، ميڊم رخسانه، ڪائونسلر عمران رشيد، عبدالنويد راجپوت، نعيم راجپوت ۽ ٻين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ ميڊل پارايا.

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيوٽ ڪاليجز عاليه انور ميمڻ ۽ محمد شفيق خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي دور ۾ نوجوان بهتر ۽ معياري تعليم سان دنيا ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي سگهن ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

هنن چيو ته والدين کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن جي تعليمي سرگرمين تي توجه ڏين. تقريب کي ڊي جي ڪاليج جي پرنسپال رائو اشتياق، عامر اشتياق، منظور ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي ظفر راجپوت، ياسين شيخ، مس ارم، عاقب جمالي، عاطف اقبال سميت ٻيا موجود هئا.01